”عوامي نيوز“ فونٽ کي مڪمل طور تي يونيڪوڊ جي بنياد تي جوڙي راس ڪيو ويو آھي۔ ھن فونٽ ۾ عربي جا بنيادي اکر رکيا ويا آھن جيئن صرف عربي، سنڌي، اڙدو کي لکي سگھجي۔ ھن فونٽ ۾ Latin اکرن کي بہ شامل ڪيو ويو آھي جيئن ڪتاب ۾ ڪنھن بہ انگريزي اکر لکڻ ۾ سؤلائي ٿئي۔ ھن فونٽ ۾ اعرابن کي بہ پنھنجي اصل جاءِ تي ترتيب ۾ رکيو آھي۔ خاص طور تي ھن فونٽ ۾ سنڌو ماٿري جي ”موئن جي دڙي“ مان نڪتل آثارن جي نشانن ۽ ٺپن کي شامل ڪيو ويو آھي۔ ھن فونٽ ۾ شامل جيڪي يونيڪوڊ جا اکر شامل ڪيا ويا آھن انھن جا عڪس کابي پاسي رکيا ويا آھن،
”عوامي نيوز“ فونٽ SIL جي اوپن سورس لائسنس جي بنياد تي جوڙيو ويو آھي۔ ھن فونٽ کي ذاتي ۽ ڪاروباري مقصد لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ ھن فونٽ ۾ جيڪڏھن ڪو تبديلي ڪري نوان فنڪشن يا نوان اکر شامل ڪرڻ چاھي تہ ان تي ڪابہ جھل پَل نہ آھي۔ اوپن سورس لائسنس جي ويب سائيٽ تي سمورو لائسنس مڪمل تفصيل سان موجود آھي، جنھن پڙھي سگھجي ٿو۔ مان ھميشہ کان محترم ۽ معزز، سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باني سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جو ٿورائٿو رھندس جنھن سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو ۽ منھنجي ھميشہ فونٽ نگاري ۾ رھنمائي ڪئي ۽ خاص طور تي مان ادا لطيف ساگر شيخ جو بہ شڪرگذار آھيان جن مون کي ھميشہ فونٽ جي مشڪل مسئلن ۾ ساٿ ڏنو ۽ منھنجي فونٽ نگاريءَ جي علم ۾ اضافو ڪيو۔